سوامي ڪلاچند ڪلياڻ

سوامي ڪلاچند ’ڪلياڻ‘: صوفي شاهه عنايت شهيد جي سلسلي جي نامور شاعر سوامي ڪلاچند ولد ديوان رامچند گدواڻي، 6 اپريل 1867ع تي حيدرآباد ۾ جنم ورتو. ’ڪلياڻ‘ سندس تخلص هو. پاڻ شروعاتي تعليم حيدرآباد مان حاصل ڪيائين. گرنٿ صاحب ۽ ويدانت شاسترن جو گهرو اڀياس ٿيل هئس. هي صوفي فقير ڪيشورام جو صحبتي ۽ گرو ڀائي هو. ضرورتمند ۽ غريبن جي گهڻي مدد ۽ خدمت ڪندو هو. سوامي ڪلاچند حيدرآباد جي ماڻهن ۾ ڀگتيءَ کي زور وٺرايو. پاڻ سٺو شاعر هو.
سندس شاعري نموني طور هيٺ ڏجي ٿي:
آدمي بن آيا، ڪرشن آدمي بن آيا.
سانوري صورت موهني مورت، مک سين مرلي بجايا.
مرلي ڪي ڌن سن من موهي، وسرگئي سڌ ڪايا.
مور مڪٽ پيتامبر پهري، ڪانون ۾ ڪنڍل پايا.
وجنتي مالها گُل ۾ سونهي، موهن روپ بنايا.
چرنون اوپر نوپر باجي، ٿئي ٿئي ناچ نچايا.
ويا پرهيو پرو سڀڪي مانهين، جل ڦل مانهه سمايا.
ڀڪت هيت پرگهٽيو پرماتم، پهري سندر ڪايا.
جوئي جوئي شرن پڙي سوامي ڪي، سوئي سوئي پار لنگهايا.
ايسي مهما ديک موهن ڪي ’ڪلياڻ‘ شرني آيا.
سوامي ڪلاچند 11 مئي 1911ع تي لاڏاڻو ڪيو. ورهاڱي تائين سندس آسٿان ’ڪلياڻ مندر‘ تي ٽي ڏينهن ميلو لڳندو هو، جيڪو ورهاڱي کانپوءِ لڳڻ بند ٿي ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1867.04.06  عيسوي

صوفي شاهه عنايت شهيد جي سلسلي جي نامور شاعر سوامي ڪلاچند ولد ديوان رامچند گدواڻي، 6 اپريل 1867ع تي حيدرآباد ۾ جنم ورتو. ’ڪلياڻ‘ سندس تخلص هو.


1911.05.11  عيسوي

سوامي ڪلاچند 11 مئي 1911ع تي لاڏاڻو ڪيو.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

امان الله مفلح
ايسر فقير
جبار آزاد منگي
حاجي نور محمد شاهه نورل
سعيدالزمان عاطف
ارجن حاسد
اسحاق سميجو ڊاڪٽر
ڦتن پُرسواڻي
تراب بروهي
سلطان شاهه:
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون